ديش متر 1

ديش متر 1 (رسالو): هيءُ ماهوار رسالو مارچ 1922ع کان نڪرندو هو. هن جو ايڊيٽر کيمچند ڊيٽارام واسواڻي هو. هن رسالي ۾ بزرگن، سائين لوڪن، اوليائن، صوفين، شاعرن ۽ ٻين نامور ماڻهن جا جيون چرتر، سندن وچن، تعليمي، طبي، تجارتي ۽ ٻيون عام ملڪي خبرون ڏنيون وينديون آهن. هن مواد سان گڏ تصويرون به هونديون هيون. هيءُ رسالو ڀارتواسي پريس حيدرآباد مان شايع ٿيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو